وڳـــــڻ رپورٽر حسن علي مغيري
وڳڻ ھڪ طرف ڪرونا وائرس کان بچاء جي لاء حڪومتي اعلان تحت شام 6 بجي کان لاڪ ڊائون ڪرايو پيو وڃي ته وري ٻئي طرف وڳڻ شهر جا ڪاروباري دوڪاندار نامعلوم چورن جي نشاني تي آهن گذريل رات وڳڻ شهر جي نصيراآباد روڊ تي مين انڊس هاء وي ڀرسان نامعلوم چورن فھد چانڊيو جي شوروم جا تالا ٽوڙي 2 نيون ون ٽو فاء موٽرسيڪلون ڪاهي آساني سان فرار ٿي ويا آهن۔
موٽرسيڪل شوروم جي مالڪ فهد چانڊيو محمد علي چانڊيو چانڊيو برادري جي نيڪ مرد بهادر خان چانڊيو ۽ معشوق علي چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي وڳڻ ٿاڻي تي نئو مقرر ٿيل ايس ايڇ او ڪنهن ڪم جو نه آهي جنهن جي ايندي ئي هڪ هفتي اندر وڳڻ شهر مان پنج موٽرسائيڪل چوري ٿي چڪيون آهن۔
ايس ايس پي قمبر کي خبر هوندي به هو خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي لاڙڪاڻو کان پرزور اپيل ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي شوروم مان ٿيل چوري فورن واپس ڪرائي اسان کي انصاف فرحام ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ وڳڻ شهر جي مين مک چئونڪ کي بلاڪ ڪري بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو۔