ميجر ڊاڪٽر معشوق ڪيريو کي تمغمه امتياز ڏيڻ جو اعلان

0
454
Major Mashooque Keerio

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)

سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ حاجي ڪيريو سان تعلق رکندڙ ميجر ڊاڪٽر معشوق ڪيريو کي تمغمه امتياز ڏيڻ جو اعلان۔

خبر موجب ته ميجر ڊاڪٽر معشوق ڪيريو جيڪو هن وقت پنهنجا فرض ايسوسيئيٽ پروفيسر فارينزڪ ميڊيسن آرمي ميڊيڪل ڪاليج راولپنڊي ۾ سرانجام ڏئي رهيو آهي جنهن کي بهترين خدمتن ۽ اعلٰى ڪارڪردگيء عيوض چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه پاران مڃتا طور تمغه امتياز ( مليٽري) ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جو سرٽيفڪيٽ سندس رهائشگاه تي پهچايو ويو جڏھن ته تمغه امتياز ڪنهن پروقار تقريب ۾ کيس ڏنو ويندو جيئن ته سڪرنڊ واسين لاءِ اهڙي خبر خوشين سان گڏ فخر لائق آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here