سڪرنڊ (رپورٽ مشتاق سولنگي)
جي ايم سيد جي نياڻي ڊاڪٽر درشھوار سيد جي 80 ھين جنم ڏھاڙي تي سمس اسڪول مجيد ڪيريو ۾ کيس ڀيٽا ڏيڻ لاء تقريب ڪوٺائي وئي صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر ميڊم فريده پنھور چيو ته اڄ جيڪڏھن فريده توھان اڳيان ڳالھائي ٿي ته ان جو سبب ڊاڪٽر درشھوار سيد ۽ سائين جي ايم سيد آھن سنڌي سوسائٽي ۾ عورت کي غيرت ۽ عزت ڪري بنايو آھي ھوء مرد سان ٻني ٻاري جو ڪم ڪري سگھي ٿي مگر تعليم حاصل نه ٿي ڪري سگھي عورت ھڪ گھر آھي معاشرو آھي ان کي ويزن ڏيو ان کي سمجھ ڏيو سوچ ڏيو جيڪا تعليم سان آھي اسان کي آزادي نه کپي برابري کپي آء عورتن جي مخالف نه آھيان اوھان پنھنجي شعور کي گھرن ۾ بند نه ڪيو تعليم ڇڙواڳي نه آھي تھذيب جي دائري ۾ عورت سھڻي آھي انلاء ان کي عزت ڏيو ان کي تعليم ڏيو مرد جي دماغ جي پھرين سليٽ تي پرنٽ ماء جو اچي ٿو اسان کي اڳتي اچڻو آھي انلاء پٽ ۽ ڌيء کي برابر رکو ڪدار جي مضبوطي کڻي پنھنجي سوچ کي وڌاير پروفيسر انعام ڀٽي چيو ته جيجي درشھوار سيد کي سائين جي ايم سيد ھڪ پڙھيل لکيل نياڻي طور ڏسڻ پئي چاھيو ۽ جيجي پنهنجي تعليم کي سنڌ ۾ جاري رکيو ۽ پوء پاڻ انگلينڊ پڙھڻ وئي جيڪو سندس لاء امتحان ھو ھن موقعي تي سمس اسڪول جي ڊائريڪٽر ميڊم تبسم کوسو پڻ خطاب ڪيو جڏھن ته سيد زين شاھ ميڊم فريده پنھور کي اجرڪ جو تحفو ۽ شيلڊ ڏني ھن موقعي تي سمس اسڪول جي ٻارن ماريه بسمه
ڪلثوم ۽ عليشه پرفارمينس ڏني۔