وڻ لڳايو سنڌ سر سبز بڻايو

0
196

ڏوڪري

وڻ لڳايو سنڌ سر سبز بڻايو، لاڙڪاڻو گرين اسٽارز پاران 3 ڏهاڙا وڻڪاري مهم هلائڻ جو اعلان، تفصيل موجب ڏوڪري پريس ۾ لاڙڪاڻو گرين اسٽارز جي اڳواڻن ذوالفقار مگسي ۽ امان الله ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 20 مارچ کان 22 مارچ تائين وڻ لڳايو ۽ سنڌ کي سنواريو جي سري هيٺ ڏوڪري تعلقي جي مختلف علائقن ۾ وڻڪاري مهم جو آغاز ڪيو ويندو، 20 مارچ تي هڪ سئو ٻوٽا پوکي ويندا ۽ گرين اسٽارز ٽيم جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويندو۔

ٽيم کي وڻڪاري تعارفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا ، 21 مارچ تي سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي وڻڪاري جاڳرتا جي سلسلي ۾ هڪ سئو ٻوٽا پوکڻ سان گڏ وڻ لڳايو سنڌ سرسبز بڻايو ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي جڏهن ته 22 مارچ تي گورنمينٽ بيگم نصرت ڀٽو ڪاليج ۾ هڪ سئو ٻوٽا پوکيا ويندا اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته وڻ پوکي ماحولياتي گدلاڻ ۽ موسمي اثرن جو خاتمو ڪري سنڌ جي سرزمين کي سرسبز بڻائي سگهجي. لاڙڪاڻو گرين اسٽارز اهو مقصد کڻي مختلف علائقن ۽ شھرن ۾ وڻ پوکائي واري ڪم ۾ مصروف آهن ته جيئن سنڌ کي سرسبز ۽ ماحولياتي تبديلين کان پاڪ رکيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here