سانگھڙ ضلعي ۾ سارين جي پوکائي تي پابندي لاڳو

0
275

اسٽاف رپورٽ

سانگهڙ: سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا ضلعي اندر سارين جي پوکائي تي مڪمل پابندي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پابندي باوجود سارين جي پوکائي ڪندڙ آبادگارن جو فصل مڪمل طور تي ختم ڪيو ويندو. اڄ پنهنجي آفيس ۾ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا سمورن اي سيز ۽ آبپاشي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي نارا ڪينال ۽ روهڙي ڪينال واري نظام تي آباد ٿيندڙ زرعي زمين جي آبادگارن کي سارين جي پوکائي کان سختي سان منع ڪن ۽ جيڪڏهن ڪنهن به آبادگار پابندي باوجود سارين جي پوکائي ڪئي ته سندن فصل مڪمل طور تي ختم ڪيو ويندو جنهن جا ذميوار آبادگار پاڻ هوندا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here