آل سنڌ لوئر اسٽاف ايجوڪيشن سڪرنڊ پاران مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي ريلي

0
152

سڪرنڊ رپورٽ : مشتاق سولنگي

آل سنڌ لوئر اسٽاف ايجوڪيشن سڪرنڊ پاران مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي ريلي تعلقه ايجوڪيشن آفيس سڪرنڊ مان ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي پهتي۔ ريلي جي اڳواڻي ڌڻي بخش ملاح ، عزيز لاکو ، امام بخش سيال ، ايوب ملاح ، امتياز ڪيريو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان لوئر اسٽاف جي جائز مسئلن کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي۔

انهن کي به پاڪستان جي ٻين صوبن جي ملازمن جهڙيون جائز مراعتون ڏنيون وڃن هنن چيو ته لوئر اسٽاف کي ٽائم اسڪيل يوٽيلٽي الائونس ، وردي الائونس ڏنو وڃي ۽ بايوميٽرڪ جي آڙ ۾ انهن جون پگهارون بند ڪري انهن کي تنگ ڪيو وڃي ٿو جيڪو سخت مذمت جوڳو عمل آهي جنهن کي ڪنهن کي به صورتحال ۾ برداشت نه ڪيو ويندو هنن اهو پڻ مطالبو ڪيو ته سنڌ ايجوڪيشن کاتي جي لوئر اسٽاف کي سرڪاري ڪوارٽر الاٽ ڪيا وڃن هنن وڌيڪ چيو ت جيڪڏهن اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو احتجاجي ريلي ۾ هارون ڪيريو انور سومرو مختيار جمالي ۽ لوئر اسٽاف جا ٻيا سوين ملازم موجو هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here