جي ايم سيد 1971 ۾ پاڪستان کي نقصان پھچائڻ جي مخالفت ڪئي ھئي، نامور صحافي عادل راشدي جا انڪشاف

0
1044

رپورٽ: قاضي آصف

جڏھن ھندوستان، بنگلاديش کي پاڪستان ٽوڙڻ واري عمل جي حمايت پئي ڪئي تڏھن سنڌ ۾ ڪجھ قومپرستن، سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي ۽ ايوب کھڙي تي دٻاءٌ وڌو تہ توھان بہ سنڌ جي آزادي جو نعرو ھڻو، اندرا گانڌي ۽ ھندوستان کان مدد وٺي سنڌ کي پاڪستان کان الڳ ڪرايو۔ ان وقت پير علي محمد راشدي ۽ ايوب کھڙي، جي، ايم سيد ان رٿا کي رد ڪيو۔ ھنن جو چوڻ ھو تہ، جيڪڏھن ائين ڪجي ٿو تہ ھندوستان پوءِ سنڌ تي قبضو ڪري وٺندو، ان کي آزاد حيثيت ۾ رھڻ نہ ڏيندو. اسان وري ھندوستان جا غلام ٿي وينداسين۔

ان سان سنڌ جو مسئلو حل ڪون ٿيندو. ھي جنگ جو ميدان ٿي ويندو، سنڌي اجڙي ويندا. سنڌ ھڪ ٻي ڪمبوڊيا ٿي ويندي۔
جي ايم سيد، بابا کي چيو تہ تون بہ ٻاھر نڪري وڃ،مان بہ وڃان ٿو، بابا لندن ھليو ويو۔
سائين جي ايم سيد، پھريون عمرو ڪري پوءِ انڊيا وڃڻ جو چئي سعودي عرب ھليو ويو…….ڪافي عرصي کانپوءِ جڏھن ٻئي واپس آيا تہ ھنن چيو، اسان کي سنڌ جي ماڻھن کي مارائڻو ناھي، انڊيا جي پنھنجي ايجنڊا ھجي ھا.انڊيا اسان سان خيرخواھي نہ ڪري ھا.اسان وٽ پورو مڊل ڪلاس ئي ناھي تہ سنڌ کي آزاد طور ھلائي نہ سگھون ھا۔

سائين جي ايم سيد، بابا، ۽ ايوب کھڙي، انڊيا جي مدد سان سنڌ کي آزاد ڪرڻ واري ڳالھ کي رد ڪري ڇڏي۔
سائين جي ايم سيد جي سياست آئڊيلسٽڪ ھئي، ھو بنيادي طور تي سوشل ورڪر ھو۔
مان رئيس عبدالحميد جتوئي کان وڌيڪ ڪنھن کي قومپرست نہ ٿو مڃان، سنڌ جو شينھن ھو۔
سائين جي ايم سيد، ممي کي چيو، مان پاڪستان نہ پر ان جي بيوروڪريسي جو مخالف آھيان، انھن کان  سنڌ کي آزاد ڪرائڻ چاھيان ٿو۔
1973ع جي آئين جي مدد لاءِ ڀٽي صاحب، سائين جي ايم سيد کي اسپيشل جھاز ۾ اسلام آباد گھرايو.
سائين جي ايم سيد کي چيو ويو، توھان جي پاڪستان کي ضرورت آھي، سائين چيو، مان ھر مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيان۔.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here