صوبائي وزير زراعت جي صدارت ۾ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو 38 هون اجلاس

0
167

ڪپهه، چاور، ڪڻڪ، ڪيلو، انب۽ آئل سيڊ سميت سنڌ جي 8 نون قسم جي ٻجن جي منظوري ڏني وئي، چين ۾ پوکجندڙ ڪيلا ھاڻ سنڌ ۾ به پوکجي سگھندا: زراعت وارو صوبائي وزير

ڪراچي (18 نومبر 2020) صوبائي وزير زراعت محمد اسماعيل راهو جي صدارت ۾ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو 38 هون اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ زراعت کاتي جو سيڪريٽري، ڊي جيز، آبادگار اڳواڻ زين شاهه، نديم شاهه ڄاموٽ ۽ ٻج جي ڪمپنين جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪپهه، چاور، ڪڻڪ، ڪيلو، انب۽ آئل سيڊ سميت سنڌ جي 8 نون قسم جي ٻجن جي منظوري ڏني وئي۔

ان موقعي تي اسماعیل راھو چيو ته مختلف قسمن جي 17 نون ٻجن جي سنڌ ۾ پوکڻ جي اجازت ڏني وئي آھي ، 11 ٻجن کي مستقل رجسٽرڊ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي،جڏهن ته 6 نئين ورائٽين کي هڪ هڪ سال لاءِ آزمائشي طور تي مشروط اجازت ڏني وئي،پنجاب جي ڪاٽن جي 5 نئين ورائٽين کي هڪ هڪ سال ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي۔

صوبائي وزير چيو ته پنجاب جي ڪيلي جون 2 ۽ ڪاٽن جي ٻن ورائٽين جي رجسٽريشن جي منظوري ڏني وئي, ڪيلي جا 2 نوان قسم چين مان گهرايا ويا هئا جنهن جو تجربو ڪرڻ بعد سٺا نتيجا مليا، هن وقت زراعت بحرانن کي منهن ڏئي پئي جنهن ۾ ٻج پهرين نمبر تي آهن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here