ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ جکرا ۾ يو ايس ايڊ اسڪول جي تيار ٿيل بلڊنگ جي افتتاحي تقريب

0
381

ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ جکرا ۾ يو اي ايڊ اسڪول جي تيار ٿيل بلڊنگ جي افتتاحي تقريب ٿي گذري، افتتاحي تقريب ۾ سيڪريٽري تعليم احمد بخش ناريجو،ڊي اي او اختر حسين ڪوريجو ٽي اي او ديدار مگسي،استاد فدا حسين جکرو اطهر علي چنو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا۔

ان موقعي تعليم جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سڄي سنڌ ۾ استادن جي گهڻي کوٽ آھي جلد استادن جي کوٽ پوري ڪئي ويندي، ڪيترا استاد رٽائرڊ ٿي ويا آھن انهن جي جاء تي ٻيا نئوان استاد ڀرتي ڪيا ويندا۔

هن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻو ضلعو تعليم جو نظام بهتر آهي، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ يونيورسٽيون، ڪاليجز ۽ بهترين اسڪول آهن. هن وڌيڪ چيو ته تعليم سان ئي معاشري ۾ ترقي ڪري سگهجي ٿي. والدين جو به فرض آهي ته استاد سان گڏوگڏ ٻارڙن کي تعليم طرف ڌيان ڏين ۽ استادن کان ٻار بابت ڪارڪردگي بابت معلومات وٺڻ. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ اهم قدم کڻي رهيا آهيون، سنڌ ۾ تعليم جي ميار کي بهتر ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here