ڳولي ڏيو ڳولي چونڊيل نمائنده ڳولي ڏيو

0
232

وارھ : مظفر قاضي

وارھ جي لطيف ڪالوني ۽ مٺا ڪالوني جي رهواسين پاران بجلي جي سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ ۽ هڪ ٻيو ٽرانسفارمر ڏيڻ لاءِ اڄ چوٿين ڏينهن به اي جي پي اڳواڻ محمد صلاح چانڊيو، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اڪبر خاصخيلي، ا، عوامي تحريڪ جي منان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ لططيف ڪالوني کان پيادل مارچ ڪري سخت نعريبازي ڪندا فاضل راهو چونئڪ پهچي نٽھڻ اُس ۾ 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو۔

موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هميشه پ پ پ کي ووٽ ڏنو آھي پر گذريل چئن مهينن کان محلي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي بجلي نه هجڻ ڪري گرمي ۽ مڇرن جي آزار ڪري رڙيون ٿا ڪريون پ پ پ سرڪار هوندي به اسانکي ٽرانسفارمر تبديل ته نه ڪرايو ويو پر هڪ راشي ايس ڊي او ڏنو جنهن ڪري سيپڪو انتظاميا ٽرانسفارمر تبديل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي، هنن الزام هڻندي چيو ته سيپڪو انتظاميا شهر لاءِ ايندڙ نئون ٽرانسفارمر پيسن عيوض دوستي ۾ کپائي ٿي ڇڏي، هنن مطالبو ڪيو ته فورن نئون ٽرانسفارمر ڏياريو وڃي ۽ ايس ڊي او کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here