ڏوڪري ۾ ڏوڪري هيروز ۽ شاھ لطيف راڌڻ ۾ ڪرڪيٽ ميچ ٿي گذري

0
186

ڏوڪري

ڏوڪري ۾ ڏوڪري هيروز ۽ شاھ لطيف راڌڻ ۾ ڪرڪيٽ ميچ ٿي گذري. تفصيل موجب ڏوڪري بوائز هاءِ اسڪول ۾ ڏوڪري هيروز ۽ شاھ لطيف ٽيمن وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچ جو دلچسپ مقابلو ٿيو، ان ڏس ۾ شاھ لطيف راڌڻ پهرين بيٽنگ ڪندي 9 اوورن ۾ 125 اسڪور ٺاهي ڏوڪري هيروز کي 126 جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو هو۔

شاھ لطيف راڌڻ جي رانديگر جاني جهتيال 32 رنس ٺاهيون هيون. ڏوڪري هيروز طرفان شاندار بالنگ جو مظاهرو عبدالفتاح سيهڙو 3 اوور 35 اسڪور ڏئي 4 ڄڻن کي آئوٽ ڪري ڇڏيو هو. هوڏانهن جواب ۾ ڏوڪري هيروز بيٽنگ ڪندي 7 اوورن ۾ ميچ پنهنجي نالي ڪري ڇڏي. ڏوڪري هيروز جي اوپنر امجد لوهر شاندار اسٽروڪ 10 ڇڪن جي مدد سان 72 رنسون ٺاهيون جڏهن ته اسماعيل سيهڙو 6 ڇڪڻ جي مدد سان 40 رنسون ٺاهيون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here