وارھ ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج

0
206

وارھ : مظفر قاضي

وارھ ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊ شيڊنگ اسٽريٽ لائيٽ نه هجڻ سبب شھر اندر وڌندڙ بدامني خلاف شھرين جو اي جي پي اڳواڻ محمد صلاح چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سوين شھرين احتجاجي مظاهرو ڪري شھر جي مختلف رستن کان ٿيندو وارھ پريس ڪلب کان بعد شھيد فاضل راهو چوڪ تي نٽھڻ اس ۾ 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو جتي ڳالهائيندي چيو ته وارھ ۾ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ متيون منجهائي ڇڏيون آھن 24 ڪلاڪن ۾ اڪثر 18 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي سخت گرمي ۽ مڇرن جي آزار سبب شھرين جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي۔

سج کهڻ کان پوء ھوٽلن وارا رستن تي پاڻي هارين ٿا جنهن ڪري وڏي عمر جا ماڻھو اسٽريٽ لائيٽ نه هجڻ ڪري ڪري پون ٿا هنن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته وارھ ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي شھرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here