قمبر: علي خان محلي جي رهواسين طرفان واپڊا جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو

0
207

قمبر رپورٽ: قاضي نياز حسين

قمبر ۾ علي خان محلي جي رهواسين طرفان واپڊا جي ناجائزن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري شهيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي حفيظ آزاد هڪڙو چيو ته لائين مين عبدالرحمان چنو ۽ هوت خان واپڊا جي ملازمن مون مٿان حملو ڪري مونکي رتو رت ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ مون زخمي ٿي پيو آهيان اسان جو ميٽر لڳل هيو جنهن جي به هو تار ڪٽي رهيا هئا انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي۔

ٻئي طرف واپڊا عملدارن جو چوڻ آهي ته اسين غيرقانوني ڪنڊا ڪنيڪشن کٽڻ ۽ بقايا جات وٺڻ وياسين ته حفيظ آزاد هڪڙو ۽ ٻين محلي واسين اسان مٿان حملو ڪيو جنهن ۾ اسين ڪل ٽي ڄڻا هواسين هو ڪافي ماڻهون هيا هنن اسان مٿان پٿراء ڪيو ۽ انهن جي ماڻهن جو ئي حفيظ آزاد هڪڙو کي ڌڪ لڳو جيڪو الزام اسان مٿان لڳايو پيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here