يوٿ فورم طرفان پيلڪ لائبريري جي بند پيل ڪم خلاف اعلانيل بک هڙتال

0
260

رپورٽ: قاضي نياز حسين

قمبر جي يوٿ فورم طرفان پبلڪ لائبريري جي بند پيل ڪم خلاف اعلانيل بک هڙتال ڪيمپ تي شهري ايڪشن ڪميٽي طرفان ڪامريڊ نظير تنيو ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ سردار محمد علي هڪڙو،پيارل پنهور ۽ شهر جي سياسي سماجي مذهبي ۽ شاگردن پڻ وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي۔

ان موقعي تي قمبر يوٿ فورم جي اڳواڻن ڪامريڊ اياز،سرائي عبداللطيف،بخت جاني،ميرحسن،نديم ميمڻ، لالا اسحاق۽ ظفر ميتلو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ تعليم اسان جو بنيادي حق آهي ،هتان جا نوجوان شاگرد لاڙڪاڻي لائبرري ۾ پڙهائي لاءِ ويندا آھن جنهن ڪري قمبر جي نوجوانن کي پريشانين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي۔ قمبر يوٿ فورم جي نوجوانن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو تھ لائبريري جو ڪم مڪمل ڪري شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ان نااهل چيئرمين ۽ ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي ڪري سزا ڏني وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here