ٽائون آفيسر مقرر نه ٿيڻ واري معاملي کي ڏوڪري ٽائون چيئرمين سياسي مخالفت جو انتقام قرار ڏئي ڇڏيو

0
230

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ هڪ مهيني کان ٽائون آفيسر مقرر نه ٿيڻ واري معاملي کي ڏوڪري ٽائون چيئرمين سياسي مخالفت جو انتقام قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڏوڪري ٽائون چيئرمين لياقت علي سومري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڇو ته هو پيپلزپارٽي جو مخالف چيئرمين آهي جنهن ڪري ساڻس مختلف وقتن تي بدلو وٺڻ لاءِ ڪارروائيون ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته گذريل هڪ مهيني کان ٽائون آفيسر مقرر نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب ملازمن جون پگهارون نه ٿي سگهيون آهن ۽ ٻيو ڪاروهنوار پڻ ٺپ لڳو پيو آهي. لياقت علي سومري چيو ته پگهارون نه ملڻ سبب سڀني ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي آهي، جن کي هو ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر معاشي بدحاليءَ جو شڪار ملازم سندس ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني ادارن جي وزير سيد ناصر علي شاهه ۽ سيڪريٽري کان گهر ڪئي ته جلد کان جلد ٽائون آفيسر مقرر ڪري ڏنو وڃي جيئن عيد کان اڳ ملازمن جون پگهارون جاري ڪري سگهجن ۽ ٻيو ڪاروهنوار به هلائي سگهجي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here