پاڻي کوٽ خلاف راڄوخاناڻي ۾ آبادگارن جي بک هڙتال

0
142

راڄوخاناڻي (سفير نظاماڻي ) سلطاني واه ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن ۽ نصير واه سميت سڄي ضلع ۾ پاڻي کوٽ خلاف راڄوخاناڻي ۾ آبادگارن جي بک هڙتال، سلطاني واه ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن شيخاڻي شاخ ٻهرو شاخ مناهڪي شاخ ۽ نصير واه سميت ضلع جي سمورن واهن ۽ شاخن ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف ضلع بچايو تحريڪ جي سڏ تي پريس ڪلب راڄوخاناڻي اڳيان سلطاني واه ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن جي سوين آبادگارن ٽن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪري سخت نعري بازي ڪئي بک هڙتال تي گڏ ٿيل سوين آبادگارن کي خطاب ڪندي اڳواڻن مير عاشق ٽالپر حنيف نظاماڻي محمد حسن ٽالپر علي نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته هن وقت ملڪ جي دريائن ۽ خاص طور سنڌو درياء ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي ڪوٽڙي کان هيٺ چاليھ ھزار ڪيوسڪ پاڻي سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي۔

ان صورتحال باوجود سلطاني واه ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻي جي سخت کوٽ آهي ايتري قدر جو هاڻ ته ماڻهن ۽ مال جي پيئڻ لاء به پاڻي نه آهي سلطاني واه ۽ شاخن تي هن وقت تائين هزارين ايڪڙ زمين پاڻي نه هئڻ ڪري بنجر بڻيل آهي ۽ جن آبادگارن ساريون ۽ انهن جا ٻيجارا يا ان کان علاوه جيڪي فصل پوکيا آهن اهي به پاڻي نه هئڻ ڪري سڪي سڙي تباه ٿي ويا آهن جنهن سان آبادگارن کي ڪروڙي روپين جو نقصان ٿيو آهي هنن چيو ته اسان کي سال ۾ صرف هڪ سارين جو فصل پوکڻ لاء پاڻي ڏنو ويندو آهي جيڪو به هن سال اسان کي اڃان تائين نه مليو آهي اگر اسان کي سال ۾ هڪ فصل پوکڻ لاء به پاڻي نه ڏنو ويو ته اسان معاشي طور تباه ٿي وينداسين ۽ هتي جا آبادگار ۽ هاري خودڪشون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا اهوئي سبب آهي جو هتي خودڪشن جا واقع وڌي ويا آهن۔

هنن چيو ته پاڻي کوٽ خلاف اسان جو احتجاج جاري رهندو سڀاڻي به علامتي بک هڙتال ڪري 16 جولائي خميس تي راڄوخاناڻي کان تلهار تائين لانگ مارچ ڪري تلهار ۾ حيدرآڀاد بدين روڊ تي تاريخي ڌرڻي هڻي احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here