سرڪاري آفيسرن لاءِ اهم خبر، شهباز شريف وڏو قدم کڻي ورتو

0
85

وزير اعظم شهباز شريف ايگزيڪٽو الائونس کان محروم سرڪاري آفيسرن کي بنيادي پگهار تي 150 سيڪڙو ايگزيڪٽو الائونس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف وفاقي سيڪريٽريٽ جي آفيسرن جي پگهارن ۾ موجود غيرمنصفاڻو فرق ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.


وزيراعظم سرڪار آفيسرن جي پگهارن ۾ موجود غير منصفاڻي فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ گريڊ سترنهن کان ٻاويهه جي ايگزيڪٽو الائونس کان محروم آفيسرن کي 2017 جي بنيادي پگهار تي 150 سيڪڙو ايگزيڪٽو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان ڏس ۾ وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته ايگزيڪٽو الائونس ۾ واڌ وارو فيصلو پهرين جنوري 2023 کان لاڳو هوندو.
وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته فيصلو وزيراعظم جي هدايت تي ناڻي واري وزير سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here