ڪي پي حڪومت جي ترجمان جا گرفتاري وارنٽ جاري

0
78

خيبرپختونخوا سرڪار بيئرسٽر محمد علي سيف جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
گرفتاري وارنٽ اسلام آباد جي سينئر اسپيشل مجسٽريٽ سردار محمد آصف جاري ڪيا آهن.


سي ڊي اي قانونن جي ڀڃڪڙي تي طلبي باوجود حاضر نه ٿيڻ تي بيئرسٽر سيف جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.


سي ڊي اي جو چوڻ آهي ته محمد علي سيف سي ڊي اي جي زون 3 نيشنل پارڪ ايريا تي اڏاوتي ڪم ڪرايو.


بيئرسٽر محمد علي سيف جا گرفتاري وارنٽ بهارا ڪهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڏانهن موڪليا ويا آهن.
عدالت اسلام آباد پوليس کي بيئرسٽر سيف کي 11 جنوري تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here