جسقم چيئرمين ، ڪارڪنن ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن ۽ سنڌ جي زمينن تي غير قانوني قبضا ڪندڙ بلڊر مافيا خلاف احتجاجي مظاهرو

0
178

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)
جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ، جسقم جي ٻين مرڪزي عهديدارن ، ڪارڪنن ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن ۽ سنڌ جي زمينن تي غير قانوني قبضا ڪندڙ بلڊر مافيا خلاف جسقم ضلعي نوابشاه جي آرگنائيزر مسعود شاه ، مورڙو مير بحر ، خير محمد لاکو ، راڻو خان جلباڻي ، عالم ڪيريو ۽ برڪت جلباڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ صحافي چوڪ سڪرنڊ تي احتجاجي بک هڙتال ڪئمپ لڳائي وئي۔

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته صنعان خان قريشيءَ سميت گرفتار سينيئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر ، ديدار شام ، مرڪزي ترجمان آصف مگسي ، اشرف ڪلهوڙو ، عزيز شيخ ۽ ٻين قومي جارڪنن تان ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن تي اي ٽي سي ۾ ڪيل هٿ ٺوڪيون ايف آءِ آرون ختم ڪيون وڃن۔

هنن چيو ته سنڌ سجاڳ ٿي چڪي آهي ۽ سنڌي ماڻھو هر ڏاڍ ۽ ظلم خلاف مُھاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار آهن . هنن چيو ته سنڌ حڪومت غير قانوني قبضن ڪرڻ ۾ ملڪ رياض جي مدد ڪري رهي آهي ۽ 6 جون تي پرامن ڌرڻي ۾ شريڪ ڌرتي ڌڻين مٿان غير انساني تشدد ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت شامل آهي . پر اسان ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ ڌرتيء جي هڪ انچ تي به قبضو برداشت نه ڪنداسين۔

هنن چيو ته سمورن قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن هنن چيو ته سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ تائين هيءَ تحريڪ جاري رهندي . بک هڙتالي ڪئمپ تي ذوالفقار کوکر ، سچل ملاح ، علڻ رند ، معشوق زئونر ، پيار علي مشوري ، اسرار مري ، ارباب سولنگي ۽ ٻيا قومي ڪارڪن موجود هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here