مادري ٻولين جي عالمي ڏھاڙي تي راڄوخاناڻي ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي عنوان ھيٺ ڪانفرنس

0
495

مادري ٻولين جي عالمي ڏھاڙي تي راڄوخاناڻي ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي عنوان ھيٺ ڪانفرنس ۽ مشاعرو سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي گھر

راڄوخاناڻي (سفير نظاماڻي ) مادري ٻولين جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران راڄوخاناڻي ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي عنوان ھيٺ ڪانفرنس ۽ مشاعرو وڏي تعداد ۾ اديبن ۽ دانشورن جي شرڪت ڪانفرانس سنڌي ادبي سنگت سنڌي جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني جي صدارت ھيٺ منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ راڄوخاناڻي جي سيڪريٽري آيل مھمانن کي آجياڻو پيش ڪيو سنڌي ادبي سنگت سنڌي جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽي خاڪي جاني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت ھر سال جيان ھن سال به پھرين فيبروري کان 21 فيبروري تائين سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو درجو ڏيو جي عنوان ھيٺ تحريڪ ھلائي ويندي آ ان سلسلي جي ڪڙي ھيٺ ھي ڪانفرنس ۽ مشاعرو منعقد ڪيو ويو آھي وفاقي حڪومت خبر ناھي ڇو سنڌ ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ کان ڇو ڪيٻائي رھي آھي سنڌي ادبي سنگ سنڌ ان وقت تائين ھي احتجاج ڪندي رھندي جيستائين سنڌي ٻولي سميت پاڪستان ۾ ڳالھائي ويندڙ تمام ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر اسماعيل ميمڻ ڊاڪٽر عبدالجبار قاسم ۽ مير مرڪ وڍو مير عاشق ٽالپر اسماعيل شيدي ۽ ٻين دانشورن شرڪت ڪئي ان کان علاوھ مشاعرو پڻ ٿي گذريو جنھن ۾ شاعرن پنھنجون تخليقون پيش ڪيون جنھن نورل وآڍو جاويد خاصخيلي يونس رستماڻي شعيب شاد اڪرام الاھي ۽ ٻين شاعرن پڻ شاعري پيش ڪئي ـ

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here