ٿرپارڪر جي قومي تڪ اين اي 221 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري

0
194
mithi-poling-

مٺي : ٿرپارڪر جي قومي تڪ اين اي 221 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري، پ پ اُميداور امير علي شاهه ۽ پي ٽي آءِ اُميدوار نظام الدين راهمون چونڊ دنگل لاءِ ميدان تي لٿل،ننڍي چونڊ دوران 318 پولنگ اسٽيشنز تي 2 لک 81 هزار رجسٽرڊ ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن، پولنگ شام 5 وڳي تائين جاري رهندي، ننڍي چونڊ جي موقعي تي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز مقرر، ڇاڇري جي قيصرار سما پولنگ اسٽيشنز تي اڻڄاتل شرپسندن بيلٽ باڪسز کي باهه ڏئي ڇڏي، واقعي بعد پوليس پي ٽي آءِ جي مقامي اڳواڻ امان الله سمون سوڌو 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، واقعي بعد پوليس ۽ رينجرز جي اضافي نفري پولنگ اسٽيشنز تي پهچي وئي، پولنگ جو عمل بند ڪيو ويو آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here