سنڌ حڪومت طرفان وزير اعظم کان سنڌ جي عوام کان معافي گهرڻ جو مطالبو

0
227

ڪراچي 30 جنوري 2021: سنڌ حڪومت طرفان وزير اعظم عمران کان سنڌ جي عوام کان معافي گهرڻ جو مطالبو ڪندی چيو آهي ته اوهان پوري ملڪ جا وزير اعظم آهيو، سنڌ اسان جو صوبو نه آهي وارو بيان وزير اعظم کي نه ٿو سونهي، عمران خان کي ان بيان تي سنڌ جي عوام کان معافي گهرڻي پوندي۔ صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته اوهان کي پنهنجا لفظ واپس وٺڻا پوندا، جيڪڏهن اهو بيان ڪو ٻيو ڏي ها ته ان کي غدار قرار ڏنو وڃي ها۔ وزير اعظم چوي ٿو ته سنڌ اسانجو صوبو ناهي، پيپلزپارٽي جو صوبي آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي جو فقط صوبو سنڌ نه پر پوري ملڪ جي پارٽي آهي، پيپلز پارٽي صرف سنڌ جي جماعت نه پر پوري ملڪ جي پارٽي آهي۔

جيڪڏهن اوهان سنڌ جا وزيراعظم نه آهيو ته پوري ملڪ جا به وزير اعظم نه آهيو، اسماعيل راهو عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته حقيقت اها آهي ته اوهان وزير اعظم نه آهيو انڪري اوهان کي سليڪٽڊ جو نالو ڏنو ويو آهي۔ ڪوبه ملڪ جو چونڊيل سربراه اهڙا لفظ نه ٿو چئي سگهي. صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته ڪاش سليڪشن کان پهرين عمران خان کي ڳالهائڻ به سيکاري وٺن ها، ان کي اهو به سمجهائن ها ته هن جو بيان نيازي جو نه پر وزيراعظم جو سمجهو ويندو۔

وزيراعظم جي زبان کان نڪرندڙ لفظ وڏي اهميت رکن ٿا. نيازي سرڪار جي سنڌ دشمني مسلسل جاري آهي، ڪڏهن ارڙهين ترميم ، ڪڏهن گورنر رولز، ڪڏهن ڪراچي تي قبضي جا بيان جاري ٿيندا رهن ٿا ته ڪڏهن وري جذيرن تي قبضو ڪيو ويندو آهي. اسماعيل راهو چيو ته وفاقي حڪومت صرف لفظن جي حد تائين نه پر عملي طور تي سنڌ کي نقصان پهچايو آهي، سنڌ پاڪستان جو حصو آهي ۽ رهندو ڪو به مائي جو لال لطيف جي ڌرتي کي هن ملڪ کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here