قبضن ۽ حد دخلين بابت ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آفيس ۾ اجلاس

0
165
DC Kandhkot

ڪنڌڪوٽ: رپورٽ عبدالغفارمنگی

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي وفاقي ،صوبائي حڪومتن ،وزارتن ، کاتن ،اٿارٽيز ،ادارن ۽ ايجنسيز جي زمينن ۽ پلاٽن تي قبضن ۽ حد دخلين بابت ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ايس ايس پي امجد شيخ ، سنڌ رينجرس ڪشمور جي ايس آر طاهر ۽ بار جي صدر عبدالغني بجاراڻي ڪشمور ضلعي اندر ڪم ڪندڙ وفاقي توڙي صوبائي کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي ان موقعي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ڊپٽي ڪمشنر کي پنهنجي کاتن جي زمينن تي قبضن بابت بريفبگ ڏنيدي چيو ته پهرين فهرست ۾ ڪنال ۽ بندن تي ٿيل قبضن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويندو ۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر منورعلي مٺياڻي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته سومر کان پوليس ۽ رينجرس جي مدد سان لاڳاپيل کاتن جي زمينن ، پلاٽن ۽ بندن تي آپريشن جو عمل شروع ڪيو وڃي ان موقعي تي ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ هو ته لڳاپيل کاتن جي عملدارن سان پوليس پاران مڪمل سهڪار ڪيو ويندو ته جئين ڪورٽ سڳوري جي حڪم تي عملدارمد ڪرائيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here