سائين جي ايم سيد جي 117سالگرهه تقريب سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڏوڪري جي آفيس ۾ ملهائي وئي

0
219

ڏوڪري

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقه سٽي ڏوڪري پاران سائين جي ايم سيد جي 117سالگرهه تقريب سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڏوڪري جي آفيس ۾ ملهائي وئي جنهن جي صدارت ايس يو پي اڳواڻ ايڊووڪيٽ امداد علي جويو ۽ سٽي صدر محمد علي کوسو ڪئي جڏهن ته سالگرهه تقريب ۾ زبير جکرو، خالد حسين جوڻيجو، خرم ميراڻي، سئنير صحافي فدا حسين ابڙو، عبدالجبار ميمڻ، قاضي فريد، امتياز ڪولاچي، ربنواز کوسو، حاجي مختيار انڙ، بلاول شمن جوڻيجو، فيصل رضا ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔

ان موقعي تي سالگرھ تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اڄ سنڌ جي جهوني ڏاهي سياستدان سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائي رهيا آهيون هنن چيو ته سائين ايم سيد سنڌ جو عظيم رهبر هيو جنهن سنڌي ماڻهن سان محبت ۽ پيار ڪندي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ سائين جي ايم سيد جو فڪر نظريو اڄ تائين هلندو اچي ٿو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here