ضلعي قمبر شھدادڪوٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي طرفان ڳوٺن ۾ آڳاھي مھم جاري

0
224

وڳڻ رپورٽ: حسن علي مغيري

وڳڻ: ضلعي قمبر شھدادڪوٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي طرفان ڳوٺ عالي کبڙ ۔ شير خان جتوئي ۔ ڀولاڪلهوڙا ۔ چونڊيا، نئو ڳوٺ سميت مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري مالوندن سان گڏجاڻي ڪري انهن کي بيمار ڍورن بابت اگاھي ڏني ۽ جانورن کي بيماري کان بچڻ جي لا۽ بچا۽ جا ٽڪڙا ڪري ۽ دوا ڏني لائيو اسٽاڪ کاتي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ذوالفقار علي شيخ ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر اختيار علي ڪلهوڙو ۔ ڊاڪٽر گلزار علي جوڻيجو ۔ پيرا وٽنري اسٽاف ۽ وٽنري ڊسپينسري جي اعلا عملدارن پڻ آيل مالوندن کي بيمار ڍورن جي لا۽ مفت ۾ دوا ڏني ۽ جانورن کي بچا۽ جا ٽڪڙا ڪيا۔

ان موقعي تہ لائيو اسٽاڪ کاتي ضلعي قمبر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ذوالفقار علي شيخ ۔ ايڊيشنل ڊائريڪٽر اختيار علي ڪلهوڙو ۽ ڊاڪٽر گلزار علي جوڻيجو صحافين سان ڳالهيندي چيو تہ اسان سڄي ضلعي اندر پهنجي ٽيم سميت مختلف ڳوٺن جا دورا ڪيا آھن ۽ جيڪي ڏورانهن علائقا آھن جتي ڪو ڊاڪٽر نٿو پهچي سگهي اسان اتي بهي پهنجي ٽيم سميت پهچي ڪري مالوندن سان ملي ڪري انهن جي جانورن کي بيماري کان بچڻ جي لا۽ ٽڪڙا ڪيا آھن ۽ مفت ۾ دوا بهي ڏني آھي ڳوٺ ڀولاڪلهوڙا جي مالوند امداد علي مغيري ۔ فقير سھڻو خان مغيري ۔ نور حسين مغيري ۔ علي خان مغيري ۽ ٻئن چيو تہ اسان جي ڳوٺ ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي ٽيم پهچي ڪري اسان جي ڍورن بابت ڄاڻ ورتي ۽ انهن اسان جي جانورن کي بيماري کان بچڻ جي لا۽ ٽڪڙا بهي ڪيا ۽ اسان کي دوا بهي مفت ۾ ڏئي ويا آھن۔

ڳوٺاڻن وڌيڪ اهيو بهي چيو تہ اسان پهريان تمام گهڻو پريشان ٿيندا هئاس تہ اسان جو اگر ڪو جانور بيمار ٿيندو هيو تہ اسان انه جو علاج ڪئين وٺون پر هاڻي لائيو اسٽاڪ کاتي جي طرفان هر هڪ ڳوٺ م پهنجي ٽيم سميت وڃي بيمار ڍورن کي دوا بهي ڏين ٿا ۽ بچا۽ جا ٽڪڙا بهي ڪري رهيا آھن اهيو بهترين ڪم آھي ۽ هاڻي اسان مالوندن کي ڪاب پريشاني ناهي سڀ ڪجھ مفت ۾ ملي پيو ۽ سئنير ڊاڪٽرن جي ٽيم پاڻ بهي اچي ڪري جانور ڏسن پيا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here