ڏوڪري ۽ باقراڻي سرسو پاران پنس پروگرام تحت وڻڪاري (سهانجهڙي) پوکڻ جي مهم شروع

0
210

ڏوڪري: رپورٽر

ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقي ۾ سرسو پاران پنس پروگرام تحت وڻڪاري (سهانجهڙي) پوکڻ جي مهم شروع، مقامي سهڪاري تنظيم گاجيديرو تعلقي ڏوڪري ۾ وڻڪاري (سهانجهڙي) مهم جو آغاز ڪيو ويو، ضلعي جي 221 ڳوٺن ۾ 170,170 وڻ پوکڻ جو حدف ڏوڪري تعلقي ۾ سهانجهڙي وڻ پوکڻ جي مهم شروع ڪئي وئي آهي۔

مقامي سهڪاري تنظيم گاجيديرو غذائيت جي بهتري واري (پنس) پروگرام جي سهڪار سان سهانجهڙي وڻ جي پوکڻ جو آغاز ڳوٺ گاجيديري يونين ڪائونسل گاجيديري مان ڪيو جنهن جو افتتاح پروگرام مئنيجر حامد علي مگسي ڪيو سهانجهڙو وڻ غذائي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو هن کي معجزاتي وڻ پڻ سڏيو وڃي ٿو رياض احمد بجاراڻي سهانجهڙو غذائيت سان مالامال وڻ ۽ ڪيترن ئي بيمارين لاء فائيديمند پڻ آھي سرسو پاران پروگرام مئنيجر حامد علي مگسي ڊسٽرڪٽ پروگرام آفيسر رياض احمد بجاراڻي پڻ شرڪت ڪئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here