رورل ھليٿ سينٽر راڄوخاناڻي ۾ سھولتون نه ھجڻ خلاف مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي سڏ تي آئي ايڇ ايس انتظاميا خلاف پريس ڪلب اڳيان شھرين جو احتجاجي مظاھرو

0
213

راڄوخاناڻي رپورٽ: سفير نظاماڻي

روررل ھليٿ سينٽر راڄوخاناڻي ۾ سھولتون نه ھجڻ ۽ چويھ ڪلاڪ ميڊيڪل آفيسرس مقرر نه ڪرڻ خلاف شھرين شاگردن سياسي سماجي اڳواڻن پاران آئي ايڇ ايس انتظاميا خلاف پريس ڪلب راڄوخاناڻي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھري کي خطاب ڪندي مير عاشق ٽالپر محمد حان جعفري خاڪي جاني سفير نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته راڄوخاناڻي شھر ۽ ان جي پسگردائي جي 22 کان مٿي ديھن جي لڳ ڀڳ 30 ھزار کان مٿي آبادي جي غريب مرضن لاء قائم ٿيل اڪيلي سرڪاري اسپتال رورل ھيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي 35 سال گذري وڃڻ باوجود اڄ ڏينھن تائين بنيادي سھولتن کان وانجھيل ۽ اسٽاف جي کوٽ جو شڪار آھي۔

اسپتال ۾ ڏينھن جو ٻھ بجي کان پوء ڪو ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيل ناھي جنھن ڪري علائقي واسين کي ڪافي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو ـ اسپتال جنھن ۾ علائقي جا غريب مريض جن ۾ وڏو انگ عورتن جو ھجي ٿو جيڪو ھلي اچي ھن سينٽر ۾ مختلف بيمارين جو علاج ڪرائيندا آھن پر اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ ٻئي اسٽاف جي کوٽ توڙي ايڪسري مشين، لئبارٽري، اي سي جي جون سھوليتون نه ھئڻ ڪري انھن مريضن کي سخت مشڪلات ۽ پريشاني کي منھن ڏيڻون پوي ٿو، ٻئي طرف رورل ھيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي ڪيتري عرصي کان ايمبولينس کان محروم بيڻل آھي۔

راڄوخاناڻي شھر ۽ ان جي پسگردائي ۾ مختلف واقعن جھڙوڪ روڊ حادثن ـ ڇتي ڪتي ڏاڙھيل ـ نانگ ڪکڻ ـ ۽ مختلف جھيڙن ۾ زخمي ٿيندڙن کي جڏھن رورل ھيلٿ سنيٽر راڄوخاناڻي آندو وڃي ٿو ۽ انھن مان جن مريضن جي حالت ڊاڪٽرن پاران نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي ته انھن کي رورل ھيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي ۾ اھي سولھتون نه ھجڻ ڪري ماتلي ٽنڊو محمد خان حيدرآباد جي وڏين اسپتالن ڏانهن ڊاڪٽرن پاران ريفر ڪيو ويندو آھي جن لاء ايمبولينس جي ضرورت پوندي آھي انھن مان ڪافي اھڙا مريض پڻ ھوندا آھن جيڪي غريب ھجڻ ڪري ڪرائي تي گاڏي ڪرڻ جيترا پيسا به نه ھوندا اٿن انھن مان ڪيترن مريضن کي ايمبولينس وقت تي نه ملڻ ڪري انھن اسپتالن تي پھچڻ کان اڳ ئي فوت ٿيو وڃن۔

ھنن صحت کاتي ۽ حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته رورل ھيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي ۾ ميڊيڪل آفيسر جي چويھ ڪلاڪ مقرري ۽ بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسي ڪيو ويندو, ياد رھي ته رورل ھليٿ سينٽر راڄوخاناڻي کي آڪٽومبر 2017 کان آء ايڇ ايس جي حوالي ڪيو ويو آھي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here