ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي سالياني 2020 ۽ 2021 بجيٽ پيش

0
224

ڏوڪري: قاضي فريد

ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي سالياني 2020 ۽ 2021 بجيٽ پيش، تفصيل موجب ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جو سالياني بجيٽ بابت اجلاس چيئرمين آفيس ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ ٽائون چيئرمين لياقت علي سومرو، وائيس چيئرمين بخشل خان گلال، ڪائونسلر امداد ڪولاچي، حبيب الله کوکر، علي اصغر ميمڻ، رانا گلشير مل اوڏ، سيف الله سومرو، ليڊيز ڪائونسلر بشير ان خاتون شيخ، ٽائون آفيسر سڪندر ڀٽي ۽ ٻين بجيٽ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته سالياني 2020 ۽ 2021 جي بجيٽ 14 ڪروڙ 80 لک 29 هزار واري بجيٽ پيش ڪئي وئي. جڏهن ته چيئرمين لياقت علي سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2020 ۽ 2021 جي سالياني بجيٽ 14 ڪڙور 80 لک 2 هزار روپين جي پيش ڪئي وئي آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here