اقتدار جا اصل ڌڻي ۽ ميڪياولي

0
390
اصغر سومرو

جڏهن هن ملڪ جي ست ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي واري تاريخ مٿان نظر ڦيرائجي ٿي ته رياست کي هلائڻ لاءِ گهربل ڏاهپ، دورانديشي ۽ اعلي اخلاقي قدرن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. ائين ڇو آهي؟ اها صورتحال شعوري طور آهي يا لاشعوري؟ منهنجي سوچيل سمجهيل راءِ آهي ته اهو سڀ شعوري آهي. اڪثر ڪري ائين محسوس ٿيو آهي ته هن ملڪ جا ”اصل ڌڻي“ ميڪياولي جو ڪتاب ،” دا پرنس” پڙهي پوءِ ملڪ هلايو اٿن. مون ميڪياولي جو نالو پهريون ڀيرو سائين سليم سولنگي کان ٻڌو هو. شيڪسپيئر به پنهنجي ڊرامي هينري VI ۾ ذڪر ڪيو اٿس. ميڪياولي پاڻ ايماندار، ذهين ۽ وڏو ليڪک هو پر هن جي عالمي شهرت يا بدنامي جو سبب ”دا پرنس“ ڪتاب رهيو آهي. ميڪياولي هي ڪتاب پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي لکيو هو جڏهن جلاوطن ٿيل هو. ٻي ڳاه هي سندس وفات کانپوءِ ڇپيو هو ۽ جلد هن جي سڀني مٿان پابندي پئجي وئي هئي. ميڪياولي جي ڪتاب جي ٻي انوکي ڳاله اها به آهي ته هن ڪتاب جي ارپنا ۾ بادشاه جي تعريف ڪرڻ بدران لکيو ته توکي ڪا خبر ناهي رياست ڪيئن هلائجي. تنهنڪري،منهنجون ڳالهيون غور سان ٻڌ!! ميڪياولي چوڏهن سالن تائين اٽلي جي صوبي فلورنس جو سفارڪار سميت اهم عهدن تي رهيو. 29 سالن جي ننڍي عمر ۾ سفارتڪاري جي اهم ذميواري ملي هئس جيڪا ان وقت ۾ وڏي ڳاله هئي۔

ميڪياولي جو بنيادي نقطو يا فلسفو اهو هو ته رياست کي اخلاقيات ۽ مذهب کان پري رکي هلائجي. هن ڏٺو انتهائي سچي ۽ ايماندار حڪمران گِرولامو سيوو نارولا کي ڪيئن پادرين مارائي وچ شهر ۾ ساڙايو.. سيوونارولا جو دا پرنس ڪتاب ۾ ذڪر آهي. ميڪياولي هن کي هٿيارن بغير پيغمبر“ سڏيو. تنهنڪري، ميڪياولي چيو ته بادشاه سان پيار ڪرڻ بدران عوام انکان ڊڄي ڇاڪاڻ پيار اڄ هڪڙي اڳواڻ سان ۽ سڀاڻي ٻئي سان ٿي ٿو سگهي پر خوف هميشه برقرار رهڻ وارو جذبو آهي. حيقيقت پسند ٿي حڪومت هلائجي ۽ عوام تي بلڪل اعتبار نه ڪجي ڇاڪاڻ ته اهي ڊڄڻا، مفافق ۽ مفادپرست هوندا آهن. ميڪياولي جي صلاح اها آهي ته ڪامياب حڪمران اهو آهي جنهن کان ماڻهو خوف کائن۔

هن حوالي سان ميڪياولي پنهنجي ڪتاب ۾ ڪامياب بادشاه طور سِسرو جارجيا جو مثال ڏنو آهي. جارجيا جڏهن نئون حڪمران ٿيندو آهي ته رياست ۾ امن ۽ نظم و ضبط پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ جابر ۽ ظالم وزير مقرر ڪندو آهي جيڪو عوام جي زندگي عذاب ڪري ڇڏيندو آهي. جڏهن جارجيا ڏسندو آهي ته عوام صفا وزير مان بيزار ٿي پئي آهي ته ان وزير کي وچ شهر ۾ ٻه اڌ ڪرائي مارائيندو آهي… ائين ڪرڻ سان جارجيا کي ٻه وڏا سياسي فائدا ٿيندا آهن. هڪ ظالم وزير مقرر ڪرڻ سان عوام ۾ خوف پيدا ٿيو ٻيو ظالم وزير کي مارائي عوام کي عارضي رليف مليو ته ظالم مان جان ڇٽي..جارجيا ٻي سياڻپ اها ڪئي ته ان وزير کي مارائي عوام بغاوت کي به روڪي ورتو.. ٻيو ماڻهن ڏٺو ته پنهنجي وفادار وزير کي ٻه اڌ ڪرائي ٿو سگهي ته ٻين سان ڇا ڪندو!! پوءِ عوام خوف ۾ تعبيدار۔

هاڻي ٿورو سوچو ته هتي ڪهڙا مذهبي ۽ سياسي دهشتگرد پيدا ڪري عوام جي زندگي عذاب ڪئي وئي هئي ۽ پوءِ ڪيئن انهن کي لغام وجهي عوام کي خوش ڪيو ويو!! ڪرپشن روڪڻ واري معاملي ۾ به ساڳي حڪمت عملي ڪارفرما نظر ايندي. پهرين اهڙيون مصيبتون پيدا ڪندا ۽ پوءِ پاڻ ئي انهن کي ختم ڪندا يا ڪمزور.. اهڙي ڏاهپ سبب ملڪ اڄ هن حال ۾ آهي. انکان علاوه ميڪياولي جو بادشاه لاءِ اهو مشورو آهي ته پنهنجي مخالفن کي لالچ ڏئي پاڻ سان ملايو يا انهن کي مڪمل ختم ڪريو…ميڪياولي واري اها ساڳئي پاليسي هتي به هلي ٿي۔

هن ملڪ جي ڪامورن ۽ حڪمرانن جو ميڪياولي آئيڊيل آهي جيڪي ڪوڙ، مڪاري ۽ منافقت ذريعي پنهنجي پوسٽنگس ۽ اقتدار برقرار رکڻ لاءِ هر وقت ڪوشش ۾ رهن ٿا. هنن بي اصول، بي ايمان ۽ مڪار ڪامورن ۽ حڪمرانن کي اها ڳاله نه وسارڻ کپي ته ميڪياولي پنهنجي ڪتاب ۾ جنهن بادشاه (جارجيا) جي حڪمت عملي ۽ دورانديشي جي تعريف ڪئي ان اها ته پلاننگ ڪئي هئي ته سندس پيءُ مرندو ته هو ڪيئن اقتدار تي قبضو ڪندو ته پر هن اهو نه سوچو ته ان وقت جارجيا پاڻ به بيمار ٿي پوندو ۽ ستت ئي ڪجه سالن ۾ پاڻ مري ويندو.. مطلب ماڻهو ڀلي ڪيتري به هوشياري ڏيکاري پر ڪجه فيصلا قدرت واري جا به هوندا آهن۔

آخر ۾ اهو چوندس ته جيڪي همراه ميڪياولي کي آئيڊل سمجهن ٿا اهي اهو نه ويسارن ته دا پرنس ڪتاب سبب دنيا ۾ نه ڪٿي انقلاب آيو ۽ نه وري ڪو اتساه پيدا ٿيو. تنهنڪري، پنج سئو سال پراڻي ڪتاب کي پڙهي مڪاري ذريعي پنهنجي اقتدار کي ڊيگه ته ڏئي ٿا سگهن پر ملڪ جا بنياد ڪمزور ٿا ڪن ڇاڪاڻ ته سياست کي اصول ۽ اخلاقيات کان الڳ ڪري پائيدار ۽ مضبوط سماج جا بنياد نٿا وجهي سگهجن. بهرحال، عمران خان عوام جي زندگي ۾ بهتري آڻڻ بجاءِ وڌيڪ مشڪل پيدا ڪئي آهي. تازو ڳاٽي ٽوڙ پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو اٿس. هن کان سڀ عوام دشمن ڪم وٺي ميڪياولي واري اصول تحت هن کي جلد هٽائيندا …پوءِ عوام به خوش ٿيندو پر پوءِ اڳتي ڇا ٿيندو اهو سوچڻ به اهم هوندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here