وارھ (مظفر قاضي)
وارھ جي مٺا ڪالوني جي رهواسي پيرسن دين محمد چانڊيو ،مسمات پٺاڻي، قرآن پاڪ کڻي وارھ پوليس خلاف وارھ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو، ھنن دانھيندي چيو ته رات دير سان وارھ پوليس بنا اطلاع جي در کي لتو هڻي ٽوڙي اسان جي گھر ۾ گھڙي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي اسانجي نوجوان غلام حيدر چانڊيو کي گرفتار ڪري تشدد ڪندا روانا ٿي ويا نوجوان جو ڪوبه ڏس پتو ناهي پوليس اسانجي نوجوان کي گم ڪري ڇڏيو آھي وڌيڪ احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان مسڪين آھيون ۽ وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي اسان جي پٽ کي آزاد ڪيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي۔