وزيراعظم کي پنهنجي خلاف عدم اعتماد جي رٿ کان اڳ ئي سينيٽ ۾ ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پوندو، نثار کھڙو

0
287
Nisar Khuhro with ppp ladies wing

لاڙڪاڻو رپورٽ

پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته سينيٽ جي ٽڪيٽن تي پي ٽي آءِ ۽ سندن اتحادين جي اختلافن تبديلي سرڪار جو پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي، وزيراعظم کي پنهنجي خلاف عدم اعتماد جي رٿ کان اڳ ئي سينيٽ ۾ ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پوندو، سينيٽ چونڊن کان پوءِ وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ جو رستو هموار ٿيندي نظر اچي رهيو آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن شام جو پي پي پي سٽي لاڙڪاڻي جي ليڊيز توڙي مرد عهديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو۔

نثار احمد کهڙي چيو ته وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت تي سندن ميمبرن ۽ اتحادين جو اعتماد نه رهيو آهي ۽ پي ٽي آءِ جي اڪثريت هاڻي جلد اقليت ۾ تبديل ٿيندي نظر ايندي، هن چيو ته سينيٽ چونڊن کان پوءِ وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ جو رستو هموار ٿيڻ جو وڏو سبب پي ٽي آءِ ۽ سندن اتحادين جو عمران خان تي وڌيڪ اعتماد نه ڪرڻ بڻبو، هن چيو ته عمران خان جي اقتدار جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ سندس ئي ماڻهو هاڻي وڌيڪ سوار رهڻ نه ٿا چاهن. هن چيو ته جن تبديليءَ جي نالي تي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو اڄ اُهي به شرمنده آهن۔

هن چيو ته 26 مارچ تي هن ملڪ تي مڙهيل عوام دشمن حڪومت خلاف لانگ مارچ ۾ هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي شرڪت جي اپيل ڪريون ٿا ته هو ملڪ بچائڻ لاءِ پي ڊي ايم جو ساٿ ڏين، هن چيو ته عالمي دنيا جا مثال ڏيندڙ وزيراعظم صاحب 26 مارچ تي لکين عوام روڊن تي نڪري توهان خلاف فيصلو ڏيندو ۽ عوام جو اِهو آواز اوهان کي ٻڌڻو پوندو۔

نثار کهڙو چيو ته ملڪ جي ڪندڙڪڙڇ کان عام ماڻهو جو به اِهو ئي آواز آهي ته هاڻي عمران خان ۽ سندس حڪومت نه گهرجي ان ڪري وزيراعظم صاحب ان کان پهريان جو عوام توهان کي اقتدار مان ٻاهر ڪڍي توهان پاڻ اقتدار ڇڏي وڃو۔

هن چيو ته ملڪ ۾ مسئلن جو واحد حل وقت کان اڳ چونڊون آهن ان لاءِ هن عوام دشمن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري سڀني جمهوري سياسي جماعتن سان مشاورت کان پوءِ ملڪ ۾ نگران حڪومت قائم ڪئي وڃي جيڪا ٽن مهينن ۾ شفاف چونڊون ڪرائي. هن چيو ته شفاف چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪا جماعت اڪثريت حاصل ڪري ان کي ئي حڪومت ٺاهڻ جو حق حاصل هجي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here