موٽر وي پوليس ۽ سنڌ پوليس پاران پاڪستان جا جھنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي

0
184

پکو : محمد نواز مغيري

پکو ۾ ڪشميري مظلوم ڀائرن ۽ ڀينرن سان ايڪي طور پاڪ فوج جي حمايت ۽ مودي سرڪار جي مخالفت ۾  موٽر وي پوليس ۽ سنڌ پوليس پاران پاڪستان جا جھنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ انسپيڪٽر Spo راشد سوڊر انسپيڪٽر ارشد لغاري ايس ايڇ او پکو اعجاز احمد لاشاري انسپيڪٽر اياز شيخ ۽ ٻين پاران مودي جي دھشتگردي خلاف سخت نعريبازي ڪئي۔

ان موقعي تي انسپيڪٽر راشد سوڍر ۽ ايس ايڇ او پکو اعجاز احمد لاشاري چيو ته مظلوم ڪشميرين سان ڀارت ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آهي ڪيترائي مھينا گذرڻ باوجود ڪشميرين کي گھرن کان ٻاھر نٿو نڪرڻ ڏنو وڃي ماڻھن کي جمعي جي نماز به پڙھڻ نٿي ڏني وڃي پر افسوس جو عالمي برادري کي ڀارتي ظلم نظر ئي نه پيو اچي اقوامِ متحدا خاموش ۽  ٻيا انساني حقن وارا ادارا ڪشمير مسئلي تي خاموش تماشائي بڻيل آهن اسان پنھنجي ڪشميري مظلوم ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آھيون ۽ پنھنجي پاڪستاني فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي دشمن ڀارت جي ھر جواب کي منھن ٽوڙ جواب ڏئي سندس بندوقن کي خاموش ڪري ٿا ڇڏين۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here