ايس ايس پي ٿرپارڪر جي هدايتن تي پوري ضلع ۾ منشيات فروشن جي خلاف ڪارروائيون جاري

0
187

مٺي: (عبدالرحمان جوڻيجو): ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي جي هدايتن تي پوري ضلع ۾ منشيات فروشن جي خلاف ڪارروائيون جاري آهن. ۽ انچارج سي آء اي ٿرپارڪر بمعہ سپاھ جي ڪچي شراب جي بٺين تي ڇاپو هڻي 1094 ليٽرز ڪچو شراب هٿ ڪري 04 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو پوليس گرفتار جوابدارن جي خلاف ننگرپارڪر ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي۔

هوڏانهن ننگرپارڪر پوليس چئن جوابدارن هر هڪ ڏيوو ولد پانچو ڪولهي ويٺل ڀيمراڙا تعلقه ننگرپارڪر، ڏانسگهه ولد ٽيڪم ڪولهي ويٺل ڀيمراڙا تعلقه ننگرپارڪر ڪرمڻ ولد پرتاب ڪولهي ويٺل ڀيمراڙا تعلقه ننگرپارڪر ۽ارجڻ ولد چمون ڪولهي ويٺل ڀيمراڙا تي پڻ ڪيس داخل ڪيا ورا آهن۔

ايس ايڇ او وجوٽو بمعہ سپاھ خفيه اطلاع تي ڪاروائي ڪندي جوابدار فيض محمد ولد محمد مراد کوسو ويٺل نئوڪوٽ تعلقه جهڏو کي گرفتار ڪري 150 گٽڪه هٿ، پوليس گرفتار ٿيل جوابدار جي خلاف ٿاڻو وجوٽو تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو۔

ايس ايڇ او مٺي بمعہ سپاھ جي خفيه اطلاع تي ڪاروائي ڪندي جوابدار ڏيسر ولد مهرو ٺڪر کي گرفتار ڪري 150 ليٽر ڪچي شراب هٿ، پوليس گرفتار ڪيل جوابدار جي خلاف مٺي ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here