وارھ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف واپارين جو ستين ڏينهن به احتجاج

0
165

وارھ : قاضي مظفر

وارھ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف واپارين جو ستين ڏينهن به احتجاج ڦر واقعي جا جوابدار گرفتار ڪري رقم واپس ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو، وارھ ۾ هفتو اڳ واپاري عثمان ڪمبوه کان 5 لک ڦرجي وڃڻ ۽ شھر اندر وڌندڙ بدامني خلاف واپاري دڪاندار اتحاد جي سڏ تي ستين ڏينهن به نياز حيدري ، ابراهيم ڪلهوڙو ، ياسين ٻگهيو ، سڪندر سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته واپاري عثمان ڪمبوه کان 5 لک ڦر واقعي کي هفتو گذري وڃڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو شھر ۾ ڏوهي وارداتن اضافو ٿي رهيو آھي مسلسل احتجاج باوجود پوليس ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شھر اندر امن بحال ڪيو وڃي ۽ ڦر جا جوابدار گرفتار ڪري ڦرجي ويل رقم واپس ڪرائي وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here